حڪيم حبيب الله بکري

حڪيم حبيب الله بکري: حبيب الله بکري ولد خواجا ابراهيم بکري پنهنجي وقت جو ناليوارو حڪيم ٿي گذريو آهي. هيءُ اصل بکر جو رهواسي هو. هيءُ حڪيم سان گڏ عالم ۽ شاعر پڻ هو. هن حڪمت جي موضوع تي ڪيترا طبي ڪتاب تصنيف ڪيا. هيءُ پير سائين حضرت محمد راشد جو عقيدتمند هو. طب جي موضوع تي لکيل سندس هيٺيان ڪتاب اهم آهن: (1) ’رساله در نبض‘، (2) ’دلائل البول‘ ۽ (3) ’دافع الامراض‘ وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو